اعجاز سمون

اعجاز سمون، ڊاڪٽر: ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نويس اعجاز علي ولد فتح علي سمون 2 آگسٽ 1963ع تي خيرپور ميرس شھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان انٽر سائنس تائين تعليم خيرپور ۾ پرائڻ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر اعجاز سمي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. شروع ۾ ڪھاڻيون ۽ ڪجهه ڊراما لکيا، جيڪي ريڊئي پاڪستان خيرپور، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان نشر ٿي چڪا آهن. ڪھاڻين کان علاوه هن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪالم به لکيا، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪجهه عرصو روزاني ’خبرون‘ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم ”سڪل بڙ جي ڇانوَ ۾“ عنوان سان لکيا. سندس ڪھاڻين جا چار ڪـتـاب ”ڪـمـري ۾ لـڳـل تصوير“ (1998ع)،”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ (2003ع)، ”تنھنجي دل ۾ هوندي به اڪيلا“ (2012ع) ۽ ”مرادان“ ڇپيل آهن. ان کان علاوه ”بي خوف هوائون“ (ناول 2018ع) ۽ ”منھنجي ڌيءَ ڏاهي آهي“ (ڪالم 2020ع) پڻ ڇپيل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سنڌي ادبي سنگت خيرپور اوارڊ، ڪھاڻي اوارڊ 2010ع، انيس انصاري ڪھاڻي اوارڊ، ريديو ڊراما اوارڊ ۽ ٽـيـلـينٽ فورم خيرپور اوارڊ (1998ع) ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو